ديوان بهادر مرليڌر پنجابي

ديوان بهادر مرليڌر پنجابي

ديوان بهادر مرليڌر پنجابي

ديوان بهادر مرليڌر پنجابي: نامور سماج سڌارڪ بهادر مرليڌر پنجابي'>ديوان بهادر مرليڌر پنجابي شڪارپور جو رهاڪو هو. شڪارپور شهر کي خوبصورت بنائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. هي ڪيترائي سال شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. سندس ايامڪاريءَ ۾ ئي شهر جو سڌارو ۽ واڌارو ٿيو. ڪيترا پڪا رستا ٺهرايائين. اسڪول ۽ اسپتالون قائم ڪرايائين. ان کانسواءِ عام ڀلائيءَ جي ٻين ڪمن جھڙوڪ: شهر جي صفائي ۽ روشني وغيره جو انتظام به ڪيائين. ديوان مرليڌر کي شهر جي سونهن وڌائڻ ۽ سڌارڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. سندس ڪوششن سان شهر ۾ باغ ۽ باغيچا لڳا. هن پنهنجي گهر واريءَ جي نالي سان ’ڪنيا پاٺشالا‘ کولائي، جيڪا مائي گنگا ديوي هلائيندي هئي. ديوان مرليڌر نه صرف سماج سڌارڪ هو، پر پنهنجي وقت جو ناليوارو وڪيل به ٿي گذريو آهي. هن وڪالت دوران سڄي سنڌ ۾ نالو ڪمايو. سندس ڪامياب وڪالت جي اڄ به اها ئي مڃتا آهي، جو ڪنهن جي هوشياري ۽ ڏاهپ ڏسي عام طور چيو ويندو آهي ته ڄڻ ته ’مرليڌر وڪيل‘ آهي. مقامي سياست کان سواءِ قومي آزاديءَ جي هلچل ۾ به حصو ورتائين. 1917ع ۾ شڪارپور ۾ سنڌ پراونشل ڪانفرنس ٿي ته مرليڌر ان جو چيئرمئن ٿيو. 1918ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ پراونشل ڪانفرنس ٿي ته کيس ان جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. انهيءَ ڪانفرنس جو چيئرمئن سنڌ جو مشهور سياستدان سيٺ هرچندراءِ وشنداس هو. ديوان بهادر مرليڌر شڪارپور جي خيراتي ’راءِ بهادر اوڌو داس اسپتال‘ جي اڏاوتي ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو.


لفظ ديوان بهادر مرليڌر پنجابيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو